اسلام آباد

تياري ڪري وٺو، پنجاب ۾ بلدياتي چونڊ کٽينداسين: وزيراعظم

وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته بلدياتي ميدان تحريڪ انصاف جو آهي، بلدياتي ٽڪيٽن جا فيصلا اتفاق را سان ڪيا وڃن، سڀ تياري ڪري وٺو، انشا الله اسان پنجاب ۾ بلدياتي چونڊ کٽينداسين، وزيراعظم لاهور ۾ لاهور ڊويزن جي اسيمبلي ميمبرن سان ملاقات ڪئي، ان دوران اسيمبلي ميمبرن بلدياتي چونڊن جي حوالي سان خدشن جو اظهار ڪيو، اليڪشن ڪميشن جي تڪبندين تي سڀني کان وڌيڪ لاهور ۽ سرگوڌا جي اسيمبلي ميمبرن شڪايت ڪئي. وزيراعظم اسيمبلي ميمبرن کي مقرري وقت ۾ اليڪشن ڪميشن آڏو اعتراض داخل ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو ته بلدياتي چونڊن ۾ پارٽي جي تنظيم ۽ اسيمبلي ميمبر گڏجي ڪم ڪن، بلدياتي ميدان تحريڪ انصاف جو آهي، بلدياتي ٽڪيٽن جا فيصلا اتفاق را سان ڪيا وڃن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button