سنڌ

کور واهه اسپتال ۾ ڊاڪٽر نه هجڻ خلاف شهرين جو احتجاجي مظاهرو

کور واهه جي سرڪاري اسپتال ۾ ڊاڪٽر نه هجڻ خلاف سياسي سماجي اڳواڻن ۽ شهرين احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو. ان موقعي تي شهرين رحيم پنهور، ڪامريڊ وڪيو ميمڻ، يوسف لاشاري، بشير پنهور ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ سرڪاري اسپتال جي مين گيٽ اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو. ان موقعي تي شهرين دانهيندي چيو ته سرڪاري اسپتال ۾ ڊاڪٽر نه هئڻ ڪري مريض عطائي ڊاڪٽرن هٿان ڦرجي رهيا آهن. هنن چيو ته مهانگائي جي دور ۾ پورهيت ۽ هاري ماڻهو سرڪاري اسپتال اچن ٿا پر هتي ڊاڪٽر نه هئڻ ڪري هو بيمارين ۾ تڙپي تڙپي مري وڃن ٿا. هنن مطالبو ڪيو ته کور واهه جي سرڪاري اسپتال ۾ ڊاڪٽر مقرر ڪري شهرين کي صحت جون سهولتون ڏنيون وڃن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button