سنڌ

مياڻي جي جنگ سنڌين تي وڏو اثر وڌو آهي: نواز زئور

مسوڀرڳڙي ويجهو مياڻي جي ميدان تي 17 فيبروري 1843ع تي انگريزن سان جنگ دوران مهاڏو اٽڪائيندڙ سنڌي فوج جي شهيد جنرل جان محمد ٽالپر ۽ ان جي ساٿين جي ورسي ملهائي کين ڀيٽا پيش ڪئي وئي، جنهن ۾ نواز خان زنئور، سيد مسرور شاھه، مير عبدالرزاق ٽالپر، نثار لغاري، ايڊووڪيٽ محب آزاد، عبدالمجيد ملاح، منظور ٻارچ ۽ ٻين شهيدن جي مزار تي اجرڪ چاڙهي گلن جي ورکا ڪئي وئي. ان موقعي تي هڪ تقريب ڪوٺائي وئي، جنهن کي خطاب ڪندي سنڌ قومي انقلابي پارٽي جي چيئرمين نواز خان زنئور چيو ته مياڻي جي جنگ سنڌين جي زندگيءَ تي وڏو اثر وڌو آهي، جنگ ڪيترا ڪلاڪ به هلي هجي پر ان جي اهميت آهي، شڪست ته نيپولين به کاڌي هئي، شهيد جنرل جان محمد ٽالپر نيپئر جي ويجهو پهچي چڪو هو پر اوچتو ان تي حملي کيس شهيد ڪيو، پنهجي سورمن کي ياد ڪرڻ پنهجي قومي تشخص ۽ وجود کي ياد ڪرڻ آهي. پورهيت مزاحمتي اڳواڻ سيد مسرور شاھه چيو ته مياڻي جي جنگ ختم نه ٿي آهي اها اڃا جاري آهي، تاريخ ماضي ناهي اها زنده آهي، جيڪا هميشه هلندي اچي، اهو ائين ته راجا ڏاهر ۽ محمد بن قاسم جو جهيڙو هلي پيو. هن چيو ته مياڻي ٻيلي جي خراب حالت پڻ جنگ جو ڏيک پئي ڏئي، انگريزي جي يادگار جي مرمت ڪري روڊ ٺاهي ڏنو پيو وڃي پر سنڌ جي هيروز جون قبرون مسمار پيون ٿين، جنهن جي ڪابه سار سنڀال ئي ناهي. نثار لغاري چيو ته ان وقت جي سپاهين پنهنجي امڙ وانگر پنهجي ڌرتي جي حفاظت ڪندي انگريزين هٿان شهادت ماڻي. تقريب ۾ محب لغاري، مير اعجاز ڇلگري، اعزاز لغاري، علي اڪبر سولنگي، محمد بخش وگهيو، گلزار لغاري، منظور ٻارچ، مرڪزي سيڪريٽري هالار رتڙ ۽ ٻين شرڪت ڪئي. جڏهن ته مزار جي تعمير لاءِ قرارداد پيش ڪئي وئي، ان موقعي تي ڏيئا پڻ ٻاريا ويا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button