پاڪستانپنجاب

شهباز شريف تي فرد جرم لاڳو نه ٿي سگهيو،ٻيهر پيشي جو حڪم

لاهور :مني لانڊرنگ جي ڪيس ۾ شهباز شريف ۽ ٻين جوابدارن مٿان فرد جرم لاڳو نه ٿي سگهي، جنهن کانپوءِ عدالت جوابدارن جي ضمانت ۾ 28 فيبروري تائين واڌ ڪري ڇڏي. لاهور جي اسپيشل سينٽرل عدالت جي جج اعجازالاحسن اعواڻ شهباز شريف ۽ ٻين جوابدارن خلاف 16 ارب کان وڌيڪ مني لانڊرنگ ڪيس جي شنوائي ڪئي. شهباز شريف جي وڪيل چالان جون ڪاپيون ڊم هجڻ جي درخواست ڏني. شهباز شريف جي وڪيل چيو ته ايف آءِ اي جيڪي چالان جون ڪاپيون ڏنيون آهن، اهي پڙهي به نٿيون سگهجن. بينڪ اختيارين پاران ڏنل 164 بيانن جون ڪاپيون به ناهن ڏنيون ويون. عدالت ايف آءِ اي کي چالان جون صاف ڪاپيون ڏيڻ جي هدايت ڪئي. ايف آءِ اي جي پراسيڪيوٽر چيو ته هڪ ڀيرو ئي ٻڌائي ڇڏيو ته ڪهڙيون ڪهڙيون ڪاپيون صاف ناهن. هي هاڻ هڪ هڪ ڪري اعتراض اٿاريندا. عدالت فرد جرم لاڳو ڪرڻ لاءِ شهباز شريف ۽ ٻين جوابدارن کي 28 فيبروري تي پيش ٿيڻ جي هدايت ڪئي. ان کانپوءِ شهباز شريف صحافين سان ڳالهيون ڪندي چيو ته قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ منهنجي ڪري ملتوي ڪيو ويو ڇو ته فرد جرم جي تاريخ هئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button