پاڪستانسنڌ

عمرڪوٽ ۾ پوليس جو ڇاپو، 11 هاري بازياب

عمرڪوٽ: عمرڪوٽ ۾ هاري ارجن ڪولهي جي درخواست تي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج عمرڪوٽ جي حڪم تي ڪنري پوليس ڇاپو هڻي 11 هاري بازياب ڪرائي ورتا. عدالتي حڪم تي ڪنري ٿاڻي پوليس زميندار ابل شاهه جي نجي جيل تي ڇاپو هڻي 11 هارين کي بازياب ڪرايو، جن ۾ والجي ڪولهي، ڀورو ڪولهي، لڇمي، واري، چيلو، ڪيوڙو ڪولهي ۽ معصوم ٻار شامل آهن. ھارين جو چوڻ آهي ته زميندار اسان کي بکن تي هارپو ڪرائيندو هو، حساب ڪتاب نه ڪندو هو. عدالت هارين کي بيان بعد مرضي موجب زندگي گذارڻ جي اجازت ڏني.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button