پاڪستانسنڌ

ٿرڙي محبت ۾ پوليس ڦر ٿيل سامان ۽ روڪ رقم هٿ ڪري متاثرن حوالي ڪري ڇڏي

ٿرڙي محبت ڀرسان ڳوٺ ماڻڪاڻي ۾ رائيس مل تان لڳل ڌاڙو، ٽي موٽرسائيڪلون، ٻه لک رپيا روڪ رقم ۽ موبائيل فون هٿ ڪري مالڪن حوالي ڪري ڇڏيا. ان سلسلي ۾ ڊي ايس پي ميهڙ محمد يونس روڌراڻي، ايس ايڇ او ٿرڙي محبت امام الدين ڏاهاڻي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته ٻه مهينا اڳ ڳوٺ ماڻڪاڻي ۾ هندو برادري جي رائيس مل ۾ لڳل ڌاڙي ۽ ٻن نوجوانن علي گل ڪنڀر ۽ مشاهد ناريجو کان ڦر ٿيل گاڏي ۾ ملوث جوابدارن کان موٽرسائيڪلون، لکين رپيا روڪ ۽ موبائل فون مقابلي بعد گرفتار جوابدار اخترگاڏهي جي نشاندهي تي هٿ ڪري متاثرن حوالي ڪيا آهن، جڏهن ته رائيس مل مالڪ ڪشن لال ۽ منصور خاصخيلي کان ڦر ٿيل سامان جوابدار بشير ماڇي، نشان گاڏھي، سڌير ماڇي ۽ ٻين کان هٿ آيا آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button