پاڪستانسنڌ

تعليمي ادارن ۾ شاگردياڻين کي حراسان ڪرڻ ۽ قتل خلاف ريلي

ڪوٽڙي ۾ سنڌ جي تعليمي ادارن ۾ شاگردياڻين کي حراسان ڪرڻ ۽ نمرتا، نوشين شاھه ۽ نائلا رند جي قاتلن جي گرفتاري لا جساف پاران المدينا چوڪ تي احتجاجي ريلي ڪڍي ڌرڻو هنيو ويو. جساف اڳواڻن طارق سومرو، حفيظ خاصخيلي، شبير خاصخيلي، منعان لاشاري، نجيب چانڊيو، مير هنڱورو ۽ اطهر ڪوريجو خطاب ڪندي چيو ته سنڌ اندر تعليمي ادارن ۾ شاگردياڻين سان ناانصافيون ٿي رهيون آھن، نمرتا ۽ نائلا رند سميت دادو جي شهيد نياڻي جي خون سان انصاف ناهي ٿي سگهيو، هينئر به جوابدار آزاد آھن، شاگردياڻين کي حراسان ڪري سنڌ جي تعليم کي تباهھ ڪيو پيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button