اسلام آبادپاڪستان

تيل جو جو اگهه وڌڻ بعد مهانگائي جو طوفان،هفتي ۾ 28 شيون مهانگيون

اسلام آباد: ڳڻپ واري کاتي مهانگائي بابت هفتيوار رپورٽ جاري ڪري ڇڏي. ملڪ ۾ پيٽروليم شين جو اگهه وڌڻ بعد 28 شيون مهانگيون ٿيون آهن. ان ڏس ۾ ڪالهه ڳڻپ واري وفاقي کاتي جي رپورٽ موجب تازي هفتي ۾ مهانگائي جي شرح 0 ڏهائي 22 سيڪڙو واڌ ٿي ۽ سالياني بنيادن تي مهانگائي جي شرح 18 ڏهائي 09 سيڪڙو ٿي وئي آهي. مهانگائي جي ڪري سڀ کان وڌيڪ غريب طبقو پيڙهجيو آهي، غريبن لا مهانگائي جي شرح 19 ڏهائي 40 سيڪڙو رهي. ڳڻپ کاتي جو چوڻ آهي ته هڪ هفتي دوران پيٽرول، ڊيزل، ٿوم، ٽماٽي، ڪڪڙ جي گوشت، گيهه، اٽو، چانور، ماچيس، ڪاٺيون، ڪپڙن ۽ دالين سميت 28 ضروري شين جي اگهن ۾ واڌ ٿي. رپورٽ موجب ٿوم 37 رپيا 76 پئسا في ڪلو، ٽماٽو 5 رپيا 54 پئسا، ڪڪڙ جو گوشت 6 رپيا 21 پئسا في ڪلو مهانگو ٿيو. اهڙي ريت هڪ هفتي ۾ گيهه 3 رپيا 83 پئسا مهانگو ٿيو. جڏهن ته مٽن، بيف، چڻن جي دال، مهري جي دال، کير ۽ ڌونئرو به مهانگو ٿيو. رپورٽ موجب بصر 51 پئسا، پٽاٽو 33 پئسا في ڪلو، 20 ڪلو اٽو 3 رپيا 12 پئسا ۽ کنڊ 47 پئسا في ڪلو سستي ٿي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button