پاڪستانسنڌ

ٿرڙي محبت ۾ مهانگائي خلاف مزدور اتحاد جي ريلي، ڌرڻو

ٿرڙي محبت ۾ مهانگائي خلاف مزدور اتحاد جي سڏ تي ڪارڪنن شهيدن واري موري کان چانڊيا چوڪ تائين احتجاجي ريلي ڪڍي ڌرڻو هنيو، جنهن سبب ٽريفڪ معطل رهي. ان موقعي تي مزدور اتحاد جي صدر انعام کوسو، مرڪزي اڳواڻ الهجڙيو لاشاري، برڪت ڪلهوڙو، گل حسن سولنگي، شڪيل سولنگي ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته عمران نيازي مدينا رياست جون ڪوڙيون دعوائون ڪري قائداعظم جي پراڻي پاڪستان کي نقصان پهچايو آهي، مهانگائي سبب عام پورهيت ۽ مزدور ٻه ويلا ماني کائڻ لاءِ پريشان آهي، عمران نيازي ملڪ کي آءِ ايم ايف وٽ گروي ڪري ڇڏيو آهي، هاڻي وڏيرن ۽ چونڊيل نمائندن کان پڇڻ گهرجي ته انهن علائقن ۾ ڪهڙا ترقياتي ڪم ڪرايا آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button