پاڪستانسنڌ

پيارو اسٽيشن ۾ صحافي جي گرفتاري خلاف مختلف ڌرين جي ريلي

“صحافي رانا نصرالله کي آزاد ڪيو” پيارو اسٽيشن ۾ صحافين ۽ سياسي سماجي اڳواڻن پير گمبل، غلام سرور پنهور، احمد حسن پنهور، قربان شهباز پنهور، مشهور ميمڻ، علي قريشي، سڪندر پنهور، علي رضا سولنگي، سيد نظام شاهه، علي جان لغاري ۽ ٻين علي چوڪ کان شگر مل جي مين گيٽ تائين احتجاجي ريلي ڪڍي. ان موقعي مظاهرين چيو ته سرڪل آفيسر فياض ڀرٽ سياسي ونگار وهندي سينيئر صحافي رانا نصرالله کي سندس گهران غيرقانوني طور کنڀيو آهي، فوڊ کاتي جي ڄاڻايل ڪيس ۾ ساڳيو نالو هجڻ جي سزا قلم ڌڻي کي ملي رهي آهي، جنهن جي مذمت ڪيون ٿا. هنن اختيارين کان نوٽيس وٺي صحافي کي آزاد ڪرڻ جو مطالبو ڪيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button