پاڪستانسنڌ

مهانگائي ۽ پيٽرول جا اگهه وڌڻ خلاف پ پ جا مظاهرا

أحيدرآباد (نمائندن وٽان) مهانگائي ۽ پيٽرول جا اگهه وڌڻ خلاف پ پ پاران مختلف شهرن ۾ مظاهرا ڪيا ويا. ان سلسلي ۾ حيدرآباد ۾ مهانگائي خلاف ضلعي ڪائونسل سامهون احتجاجي ريلي ڪڍي وئي. ريلي جي ضلعي اڳواڻن صغير قريشي ۽ ٻين اڳواڻن ڪئي. اڳواڻن چيو ته وفاقي حڪومت جي عوام دشمن پاليسي سبب مهانگائي آسمان سان ڳالهيون ڪرڻ لڳي آهي. عوام دشمن پاليسين خلاف اسلام آباد تائين لانگ مارچ ڪنداسين. هوڏانهن پ پ يوسي 66 جي سينيئر اڳواڻ پاشا قاضي جي اڳواڻي ۾ جيالن موٽرسائيڪل ريلي ڪڍي. جيڪا کاهي روڊ کان نڪتي، مختلف علائقن جو گشت ڪرڻ دوران جيالن نعرا هنيا. پاشا قاضي ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته نيازي سرڪار تيل جا اگهه وڌائي عوام سان ظلم ڪيو آهي. احتجاج ۾ سهيل قاضي، هدايت علي ۽ ايوب قاضي سميت ٻين شرڪت ڪئي.ميرپورخاص ۾ جيالن مير حسن ڌونڪائي ۽ عبدالسلام ميمڻ جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاھرو ڪيو. دادو ۾ پ پ اڳواڻن ۽ ڪارڪنن هٿن ۾ پارٽي جهنڊا ۽ پلي ڪارڊ کڻي رفيق احمد جمالي هائوس کان مارچ ڪري پريس ڪلب آڏو مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو، مظاهرين بابن خان پنهور، رفيق احمد ميراڻي، خالد ميراڻي، محمد صديق ٻٻر، سيد امير شاهه، شمس الدين ٻٻر، محمد حسن قمبراڻي ۽ ٻيا شريڪ هئا. پ پ ضلعي نوشهروفيروز جي ڪارڪنن پريس ڪلب آڏو مظاھرو ڪري ڌرڻو ھنيو. ان موقعي تي فيروز جمالي، سھيل اختر عباسي، فاروق ڀنڀرو، غضنفر راڄپر، علي اڪبر سمون ۽ ٻين خطاب ڪيو. سکر ۾ پ پ سٽي جي ڪارڪنن ڊاڪٽر ارشد مغل، چوڌري اظهر حسنين ۽ ٻين پريس ڪلب اڳيان مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو. لاڙڪاڻي ۾ جناح باغ چوڪ تي پ پ سنڌ جي صدر نثار کهڙو جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، جنهن ۾ پ پ ضلعي صدر ايم اين اي خورشيد احمد جوڻيجو، جنرل سيڪريٽري اعجاز لغاري، سٽي صدر خير محمد شيخ، انور علي لهر، طارق انور سيال، مير ماجد بروهي، قمبر شهدادڪوٽ جي ضلعي صدر قمرالدين گوپانگ، ٽائون ڪميٽي وڳڻ جي انفارميشن سيڪريٽري ضمير حسين چانڊيو سميت ليڊيز ونگ، سپاف، يوٿ ونگ، ليبر بيورو، پيپلز ڊاڪٽر فورم جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ڪارڪنن نعريبازي پڻ ڪئي. ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي نثار کهڙو چيو ته عمران خان جي حڪومت پيٽرول 12 رپيا في ليٽر وڌائي عوام تي مهانگائي جو هڪ ٻيو بم ڪيرائي ڇڏيو آهي. هر مهيني پيٽرول، ڊيزل، بجلي ۽ گئس جي قيمتن ۾ واڌ ڪري عوام جي زندگي اجيرن ڪئي وئي آهي. هن چيو ته سڀني بحرانن ۽ مسئلن جي جڙ وزيراعظم عمران خان ۽ سندس عوام دشمن پاليسيون آهن، ان لاءِ عمران خان جي حڪومت مان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ سان ئي عوام سک جو ساهه کڻي سگهندو. هن چيو ته پي ٽي آءِ جي هن عوام دشمن قدمن خلاف احتجاج به ڪنداسين ۽ لانگ مارچ به ڪنداسين، لانگ مارچ ۾ لکين عوام وزيراعظم تي عدم اعتماد جو اظهار ڪندو. وزيراعظم عمران خان خلاف عدم اعتماد جي رٿ پيش ڪرڻ لاءِ پ پ جي تجويز تي سڀئي اپوزيشن جون جماعتون متفق آهن، جلد وزيراعظم خلاف عدم اعتماد جي رٿ پيش ڪئي ويندي. جيڪڏهن پهريان اپوزيشن جون جماعتون پيپلز پارٽي جي عدم اعتماد واري رٿ واري تجويز ڪن ها ته اڄ پي ٽي آءِ جي حڪومت کي گهر موڪلي چڪي هجون ها. جڏهن ته ٺٽي ۾ پڻ پيپلزپارٽي طرفان ضلعي آفيس کان پريس ڪلب تائين احتجاجي ريلي ڪڍي وئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button