اسلام آبادپاڪستانعالمي

آرمي چيف جي يورپي يونين عهديدارن سان ملاقات،افغان صورتحال تي ڳالهيون

اسلام آباد :آرمي چيف يورپي يونين جي عهديدارن سان ملاقات ۾ افغان صورتحال سميت علائقائي سلامتي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. آ ايس پي آر جي جاري ڪيل پڌرائي موجب ڪالهه آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا يورپي يونين جي عهديدارن سان ملاقات ڪئي، ان دوران افغان صورتحال، 2 طرفن لاڳاپن سميت علائقائي سلامتي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. بيلجيم جي سرڪاري دوري دوران آرمي چيف اي اي اي ايس جي جنرل سيڪريٽري اسٽيفنو سيننو ۽ چيئرمين يورپي يونين ڪميٽي ڪلاوڊيو گزايانو سان ملاقاتون ڪيون. جنرل قمر جاويد باجوا چيو آهي ته پاڪستان يورپي يونين جي ميمبر ملڪن سان پنهنجي لاڳاپن جو قدر ڪري ٿو ۽ گڏيل مفادن جي بنياد تي ان کي وڌائڻ جو منتظر آهي. آ ايس پي آر موجب يورپي يونين جي عهديدارن خطي ۾ امن استحڪام جي بحالي ۾ پاڪستان جي ورتل سنجيدا ڪوششن کي ساراهيو ۽ پاڪستان سان هر سطح تي تعاون وڌائڻ جي عزم جو اظهار ڪيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button