سنڌ

وفاق 32 ارب رپيا ڪٽي سنڌ حڪومت کي مالي ڏکيائين جي ور چاڙهي ڇڏيو آهي:وڏو وزير

سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه اليڪٽرانڪ ميڊيا جي ڊائريڪٽر نيوز ۽ پرنٽ ميڊيا جي ايڊيٽرز سان ملاقات ڪئي، ملاقات ۾ وڏي وزير صحافين کي وفاقي حڪومت جي سنڌ حڪومت سان زيادتين کان آگاهه ڪيو ۽ ٻڌايو ته وفاقي حڪومت سنڌ حڪومت جي گذريل 15 ڏينهن جي 35 ارب رپين جي حصي مان 32 ارب رپيا ڪٽي ڇڏيا آهن. هن چيو ته وفاقي حڪومت 32 ارب جي ڪٽوتي ڪري سنڌ حڪومت کي مالي ڏکيائين جي ور چاڙهي ڇڏيو آهي، وفاقي حڪومت آئين مطابق ايٽ سورس ڪٽوتي نٿي ڪري سگهي، وفاقي حڪومت سنڌ روينيو بورڊ سان 19/2014 تائين هڪ طرفي معاملن جو بهانو ڪري 32 ارب رپين جي ڪٽوتي ڪئي آهي. هن چيو ته سنڌ حڪومت جو 15 ڏينهن جو شيئر 35 ارب رپيا بڻجي ٿو پر وفاقي حڪومت 32 ارب جي ڪٽوتي کان پوءِ 3 ارب رپيا جاري ڪيا، جڏهن ته وفاق پاران سرڪاري آفيسرن جي بدلين ۽ مقررين جي روٽيشن پاليسي هڪ طرفي طور تي لاڳو ڪئي وئي آهي، وفاقي حڪومت سنڌ حڪومت سان آفيسرن جي بدلي ڪري سنڌ ۾ انتظامي بحران پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ۽ جيڪي آفيسر سنڌ حڪومت جي هدايت تي رليز ناهن ٿيا، انهن مان ٽن کي زوري رٽائرڊ ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته روٽيشن پالسيسي ٺاهڻ جي معاملي ۾ وفاق صوبن سان صلاح مشوري جو پابند آهي، وڏي وزير چيو ته سنڌ ملڪ جي 60 سيڪڙو کان وڌيڪ گئس پيدا ڪري ٿو، آئين مطابق جيڪا گئس جنهن صوبي مان نڪري ٿي، اتان جي ماڻهن جو ان تي پهريون حق آهي پر وفاقي حڪومت سنڌ جي گئس کڻي سنڌ ۾ صنعت جو ڦيٿو جام ڪري رهي آهي. هن چيو ته وفاقي حڪومت سنڌ کي پنهنجي حصي جو مٺو پاڻي مهيا نٿي ڪري، مٺي پاڻي جي کوٽ جي ڪري زرعي معيشت مسئلن جي ور چڙهيل آهي، اهي سمورا مسئلا کڻي پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو 27 فيبروري تي لانگ مارچ ڪري رهيو آهي، هي لانگ مارچ ملڪ ۾ بيروزگاري ۽ وڌندڙ مهانگائي جي خلاف آهي، بلاول ڀٽو عوام جا مسئلا کڻي اسلام آباد وڃي رهيو آهي. مراد علي شاهه چيو ته هو ملڪي تاريخ ۾ غريب عوام جو آواز بڻجي چڪو آهي، پيپلزپارٽي هميشه انساني حقن جي علمبرداري ڪئي آهي. بلاول ڀٽو قومي اسيمبلي جون ٻيون ڪميٽيون ڇڏي انساني حقن جي ڪميٽي جو چيئرمين بڻيو. وڏي وزير ميڊيا پرسنسس کي 27 فيبروري جي لانگ مارچ جي تفصيل کان به آگاهه ڪيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button