سنڌ

صحافي قتل واقعي جي جاچ ۾ ڪا ڪوتاهي نه ٿيندي:سعيد غني

صوبائي وزير سعيد غني چيو ته اهڙو واقعو نه ٿيڻ گهرجي ها، هي پوليس جي ذميواري آهي ته اهڙن واقعن کي ٿيڻ کان روڪي، هن چيو ته وڏن شهرن ۾ ڏوهن جي شرح ٻڙي هجڻ ناممڪن آهن، جڏهن ته اهڙن واقعن جي نتيجي ۾ بيگناهه شهرين جو مارجڻ افسوسناڪ آهي، هن چيو ته اسان جي ذميواري آهي ته نه رڳو قاتلن کي گرفتار ڪريون پر مقتول جي وارثن جي سهاري لاءِ به انتظام ڪريون، مقتول صحافي جي وارثن کي يقين ڏياريان ٿو ته سنڌ حڪومت ڪنهن قسم جي ڪوتاهي نه ڪندي. هن چيو ته ايس ايس پي سينٽرل، ڪمشنر ۽ آ جي ڪراچي سان ڳالهه ٿي آهي ۽ کين جوابدارن جي ترت گرفتاري جي هدايت ڏني آهي. ايڊمنسٽريٽر ڪي ايم سي سنڌ حڪومت جي ترجمان مرتضيٰ وهاب سينيئر صحافي اطهر متين جي قتل جي مذمت ۽ ڏک جواظهار ڪندي چيو ته اطهر متين جا قاتل جلد گرفتار ڪنداسين. هن چيو ته سنڌ جي وڏي وزير اطهر متين جي قتل جو نوٽيس ۽ ايڊيشنل آ جي کي قاتل گرفتار ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. هن چيو ته شهر ۾ امن وارو ماحول ڪنهن به صورت خراب ٿيڻ نه ڏينداسين. بئريسٽر مرتضيٰ وهاب اطهر متين جي مغفرت ۽ وارثن لاءِ صبر ۽ جميل جي دعا ڪئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button