سنڌ

رتيديري واسي پيرسن جو وياج خورن خلاف احتجاج

رتيديري ويجهو ڳوٺ طيب واسي پيرسن ڳوٺاڻي هاشم قريشي وياجين جي آزار خلاف پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪيو. ان موقعي تي هن دانهيندي چيو ته مان پنهنجي هڪ دوست جو ٻن لک روپين جو ضامن پيل هيس، جنهن تي وياجين مهدي، راجا، اسلم ۽ وسيم سهاڳ کي مان 11 لک وياج ڀري ڏنو آهي پر ان هوندي به وياجي جان ڇڏڻ لاءِ تيار ناهن ۽ هاڻي مونکي گھر وڪرو ڪرڻ لاءِ زور ڀري رهيا آهن. هن چيو ته مون کي هڪ پٽ ۽ پنجن نياڻين جو اولاد آهي، وياجن جي آزار سبب نياڻين جي شادي به ڪرائي نه ٿو سگھان، مون وٽ جيڪو ڪجھه به هو سڀ ڪجهه وياجين کي ڏئي ڇڏيو آهي پر ان هوندي به اڃا تائين وياجي مون کي مارڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن. هن چيو ته جيڪڏهن وياجن جان نه ڇڏي تنگ ٿي پاڻ کي مارڻ جهڙو انتهائي قدم کڻندس، جنهن جا ذميوار ڄاڻايل وياجي هوندا. هن ڊي آءِ جي، ايس ايس پي لاڙڪاڻي کي اپيل ڪئي ته نوٽيس وٺي وياجين مان جان آجي ڪرائي انصاف ڏنو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button