سنڌ

ڊکڻ ويجهو زمين جي تڪرار تان جهيڙو، فائرنگ ۾ هڪ ڄڻو قتل

ڊکڻ ويجهو زمين جي تڪرار تان ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو، فائرنگ ۾ گوليون لڳڻ سبب هڪ ڄڻو قتل ٿي ويو. وارثن نوجوان جو لاش رکي احتجاجي ڌرڻو هنيو. ڊکڻ ٿاڻي جي حد ڳوٺ ماهي خان شر ۾ پراڻي تڪرار تان شر برادري جي ٻن ڌرين تاجل شر ۽ شبير شر جي ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو، هڪٻئي مٿان فائرنگ سبب تاجل شر جي ڌر جو هڪ ڄڻو احمد نواز شر گوليون لڳڻ سبب مارجي ويو. لاش واقعي واري هنڌ تان نه کڻائڻ خلاف مقتول جي وارثن رند شر، حق نواز، سڪينا خاتون ۽ ٻين ڊکڻ بس اسٽينڊ تي پهچي شڪارپور رتوديرو نيشنل ها وي روڊ تي رڪاوٽون رکي ٽائرن کي باهيون ڏئي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو. ان موقعي تي هنن دانهيندي چيو ته ڊکڻ پوليس شبير شر جي ڌر کان ڳري رشوت وٺي جوابدار ڇڏيا، جن اسان جي نوجوان احمد نواز کي قتل ڪيو، پنج ڪلاڪن کان لاش واقعي واري هنڌ پيل آهي، پوليس لاش کڻائڻ نٿي هلي، وڌيڪ رتوڇاڻ جو خطرو آهي. هنن ايس ايس پي شڪارپور تنوير تنيو کان مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي انصاف ڏياريو وڃي. جڏهن ته ڊي ايس پي ڳڙهي ياسين اصغر اعواڻ وڏي نفري ساڻ ڪري واقعي واري هنڌ پهچي مقتول احمد نواز شر جو لاش هٿ ڪري پوسٽ مارٽم لاءِ مدئجي اسپتال منتقل ڪري انصاف جي خاطري ڪرائي ڌرڻو ختم ڪرائي ڇڏيو. مقتول جو لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو. ڊي ايس پي ڳڙهي ياسين اصغر اعواڻ ٻڌايو ته زمين معاملي تان شر برادري ۾ جهيڙو ٿيو آهي، جنهن ۾ احمد نواز شر قتل ٿيو آهي. لاش پوسٽ مارٽم ڪرائي وارثن حوالي ڪيو آهي، جوابدارن جي گرفتاري لاءِ چڙهائي ڪئي آهي کين جلد گرفتار ڪيو ويندو. جڏهن ته شبير شر جي ڌر سان رابطو ڪرڻ تي هن ٻڌايو ته زمين اسان جي آهي، اسان احمد نواز کي قتل ناهي ڪيو شفاف جاچ ڪرائي وڃي. جڏهن ته قتل جو ڪيس داخل نٿي سگهيو هو ۽ نه ئي گرفتاري عمل ۾ نه اچي سگهي هئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button