سنڌ

جماعت اسلامي پاران سنڌ حڪومت پاران منظور ڪيل بل خلاف مظاهرا

جماعت اسلامي جو سنڌ حڪومت پاران سنڌ اسيمبلي ۾ منظور ڪيل مڪاني ادارن جي بل خلاف مختلف شهرن ۾ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا. ان سلسلي ۾ دادو، لاڙڪاڻو، جيڪب آباد، شڪارپور، سکر، نوشهرو فيروز، نوابشاهه، ميرپور خاص، ڪنڌڪوٽ، ،ٽنڊوالهيار، حيدرآباد، ٽنڊو آدم، بدين، ٺٽو، گولاڙچي، شهدادڪوٽ ۽ ٻين شهرن ۾ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا. ان موقعي تي اڳواڻن مڪاني بل کي ڪارو قانون قرار ڏيندي گھر ڪئي ته آئين موجب ڪراچيءَ کان ڪشمور سڄي سنڌ جي مڪاني ادارن توڙي چونڊيل نمائندن کي مالي ۽ انتظامي اختيارات ڏنا وڃن. دادو ۾ ايم اين اي محمد حسين محنتي جي اڳواڻي ۾ باءِ پاس کان پريس ڪلب ريلي ڪڍي مظاهرو ڪيو ويو. لاڙڪاڻي ۾ڪاشف سعيد شيخ، عاشق ڌامراهه، قاري ابو زبير جکرو جي اڳواڻي ۾ بندر روڊ کان ريلي ڪڍي پريس ڪلب اڳيان مظاهرو ڪيو ويو. شڪارپور ۾ حافظ نصرالله چنا ۽ عبدالرحمان مڱريو جي اڳواڻي ۾ فرقانيه حال کان گھنٽا گھر چوڪ تائين ريلي ڪڍي مظاهرو ڪيو ويو. جيڪب آباد ۾ ممتاز حسين سهتو،حاجي ديدار علي لاشاري ۽ هدايت الله رند جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي پريس ڪلب اڳيان مظاهرو ڪيو ويو. ٽنڊوالهيار ۾ مولانا عبدالقدوس احمداڻي، ديدار علي بهراڻي جي اڳواڻي ۾ لياقت گيٽ وٽ مظاهرو ڪيو ويو. بدين ضلعي ۾ بدين، گولاڙچي ۽ ٽنڊوباگو ۾ الڳ الڳ پريس ڪلبن تي مظاهرا ڪيا ويا. سکر ۾ پري مولانا حزب الله جکرو ، عبدالحفيظ بجاراڻي جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب اڳيان مظاهرو ڪيو ويو. ٽنڊو آدم ۾ مشتاق عادل، عبدالغفور انصاري، عبدالستار انصاري جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب اڳيان مظاهرو ڪيو ويو. نوشهرو فيروز ۾ مظاهري کي ايڊوڪيٽ شبير احمد خانزادو، محمد هاشم لاشاري، محمود اڄڻ، نديم غوري خطاب ڪيو. .ڪنڌ ڪوٽ ۾ گھنٽا گھر چوڪ تي احتجاجي ڪئمپ لڳائي وئي. ان موقعي تي ضلعي اڳواڻن جان گل خلجي ،عمر فاروق چنا ۽ ايڊوڪيٽ عبيدالله بلوچ خطاب ڪيو. ميرپورخاص ۾ مارڪيٽ چوڪ تي مظاهري کي حاجي نور الاهي مغل ، عاصم شيخ ، مفتي امام الدين لغاري ۽ ٻين خطاب ڪيو. ڏهرڪي ۾ ضلعي اڳواڻ تشڪيل احمد ۽ مولانا يوسف مزاري، شهداد ڪوٽ ۾ ڊاڪٽر امتياز شيخ جي اڳواڻي ۾ مظاهرو ڪيو ويو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button