پاڪستانپنجاب

عمران نيازي ھاڻي گھر وڃڻ جي تياري ڪري:شهباز شريف

لاهور:مسلم ليگ(ن) جي صدر ۽ اپوزيشن اڳواڻ شھباز شريف وزيراعظم کان پيٽرول جي قيمتن ۾ واڌ واپس وٺڻ ۽ گھر وڃڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو آھي. پنھنجي ھڪ بيان ۾ شھباز شريف چيو آھي ته پيٽرول بم ڪيرائڻ کان پوءِ ھاڻ بجلي 6 رپين کان وڌيڪ مھانگي ڪئي پئي وڃي. عوام کي مھانگو وزيراعظم قبول ناھي، ان ڪري عمران نيازي ھاڻ گھر وڃڻ جي تياري ڪري. شھباز شريف چيو ته عمران نيازي پيٽرول ۽ بجلي جي قيمتن ۾ واڌ واپس وٺي. عوام جون وڌيڪ بدعائون نه کڻي ھاڻ کيس اللھ کان ڊڄڻ گھرجي. اپوزيشن اڳواڻ وڌيڪ چيو ته پيٽرول جي قيمت ۾ واڌ سان ھر شيءَ جي قيمت وڌي چڪي آھي. شھباز شريف چيو ته حڪومت آءِ ايم ايف جي مفاد ۾ قانون سازي ڪري ٿي. حڪومت عوام کي ريليف جي لاءِ ڪوڙ ڳالھائي رھي آھي. عمران نيازي اتحادين کي وزارتن جو رليف ڏئي سگھي ٿو پر ھن وٽ عوام کي رليف ڏيڻ لاءِ ڪجهھ ناھي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button