پاڪستانپنجاب

غيرقانوني چينلز جي ٽرانسميشن خلاف سخت ڪارروائي جي هدايت

اسلام آباد : چيئرمين پيمرا محمد سليم بيگ غير اخلاقي مواد ۽ غير قانوني چينلز جي ٽرانسميشن خلاف قانون مطابق سخت ڪارروائي ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. ڇنڇر تي چيئرمين پيمرا محمد سليم بيگ پيمرا ريجنل آفيس ملتان جو دورو ڪيو. ريجنل ڊائريڪٽر ملتان فقير افضل معصوم چيئرمين پيمرا کي ملتان ريجن ۾ ڪيبل ٽي وي انڊين چينلز ۽ غير اخلاقي مواد خلاف ڪيل ڪاروائين ۽ ڊيرا غازي خان ۾ غير قانوني ايف ايم ريڊيو اسٽيشن جو سامان ضبط ڪرڻ بابت آگاهه ڪيو. ريجنل ڊائريڪٽر ملتان بريفنگ دوران ٻڌايو ته ريجنل آفيس جون ٽيمون روزاني جي بنياد تي ملتان ريجن جي مختلف شهرن ۽ ڳوٺن ۾ ڪم ڪندڙ ڪيبل نيٽ ورڪس جي چيڪنگ ڪري رهيون آهن ۽ غير قانوني چينلز ڏيکارڻ لاءِ استعمال ٿيندڙ اوزار ۾ قبضي ۾ وٺي رهيون آهن. اها هدايت پڻ ڪئي پئي وڃي ته ڪنهن به غير قانوني سرگرمي جي صورت ۾ پيمرا سخت قدم کڻن جو مجاز هوندو ۽ ڀڃڪڙي جي صورت ۾ ادارو لائسنس ڏيندڙن خلاف نه رڳو ايف آءِ آر داخل ڪرائيندو پر جاري ٿيل لائسنس پڻ رد ڪيا ويندا. چيئرمين پيمرا آفيسرن ۽ اسٽاف کي هدايت ڪئي ته انٽرنيٽ تان ورتل چينلز ۽ مواد جي ٽرانسميشن کي روڪيو وڃي ۽ ڀڃڪڙي ڪندڙن خلاف سخت ترين ڪارروائي ڪئي وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button