اسلام آبادپاڪستان

بجلي پيداوار ۽ استعمال ۾ ساليانو 9 سيڪڙو واڌ ٿئي پئي:حماد اظهر جي دعويٰ

اسلام آباد : توانائي جي وفاقي وزير حماد اظهر ملڪ ۾ معاشي ترقي جي بلند سطح جي دعويٰ ڪندي چيو آهي ته بجلي جي پيداوار ۽ استعمال ۾ ساليانو 9 سيڪڙو واڌ ٿي رهي آهي. سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي ٽوئيٽ ڪندي حماد اظهر چيو ته پاڪستان ۾ بجلي جي جنريشن ۽ استعمال ۾ واڌ ٿي رهي آهي. هن چيو ته اهو معاشي ترقي ۾ هلندڙ سال به 5 سيڪڙو کان وڌيڪ واڌ جي نشاندهي ڪري ٿو، ان معاشي ترقي جي بلند ترين سطح تي هر سال لکين نوڪرين جا موقعا پيدا ٿيندا ۽ آمدني ۾ به واڌ ٿيندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button