پاڪستانسنڌ

نئون ڪوٽ واقعي جي رپورٽ تي خدشا آهن:لياقت ساهي

ڊگھڙي: ڊگهڙي ۾ سياسي سماجي اڳواڻ لياقت علي ساهي چيو آهي ته نئون ڪوٽ واقعي بابت وزيراعلى جي جوڙيل فيڪٽ اينڊ فائينڊنگ ڪميٽي جي سامهون آيل رپورٽ تي خدشا آهن، جيوفارنزڪ ٿئي ته جيئن خبر پئجي سگهي ته جوابدار ۽ پوليس ڪنهن سان رابطي هئا جو واقعي بعد فورن ڪارروائي نه ٿي سگهي. چوڌري وجاهت جي رهائشگاھه تي صحافين سان ڳالهائيندي هن وڌيڪ چيو ته رپورٽ ۾ ڪافي اهم شيون شامل ناهن، رپورٽ ۾ واقعو 6 وڳي ڌاري ٿيڻ جو ڄاڻايو ويو آهي، پر نياڻين کي 6 فيبروري تي لڳ ڀڳ 12 وڳي اغوا ڪيو ويو، متاثر ۽ سياسي سماجي ڌرين سخت احتجاج ڪري ڌرڻو هنيو ۽ ڳالهھ ميڊيا تي اچي وئي، جنهن بعد ڪيس داخل ٿيو، پوليس جي غفلت جي ڪري نياڻيون جنسي هوس جو نشانو بڻجي چڪيون هيون. هن چيو ته آخرڪار اها ڪهڙي طاقت هئي جنهن پوليس کي ڪارروائي ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو، واقعي جي جيوفارنزڪ ڪرائي وڃي ته جيئن خبر پئجي سگهي ته پوليس ۽ جوابدار ڪنهن سان رابطي ۾ هئا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button