پاڪستانسنڌ

عثمان شاهه هڙي لڳ شاخ کي گهارو، پاڻي گهرن ۽ فصل ۾ داخل

عثمان شاھه ھڙي: عثمان شاھه ھڙي ويجھو ايريگيشن سب ڊويزن ٽنڊوآدم ٽو جي سوناري شاخ کي ڳوٺ لالا خان لاشاري وٽان 50 فوٽ گھارو پئجي ويو، جنهن سبب ڳوٺ لال خان لاشاري جي گھرن ۾ پاڻي داخل ٿي ويو. جڏھن ته ھڪ سئو ايڪڙ کان وڌيڪ ڪڻڪ جو فصل به پاڻي هيٺ اچي ويو، جنهن تي متاثر ڳوٺاڻن ۽ آبادگارن آبپاشي عملدارن خلاف مير محمد لاشاري، محمد رحيم لاشاري،ميان داد مگسي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي. هنن چيو ته آبپاشي عملدارن پاران پئسن خاطر واٽر ڪورس بند ڪرڻ سان شاخ ۾ پاڻي جي سطح وڌڻ ۽ ڪمزور بندن جي مرمت نه ڪرائڻ سبب روز گھارا لڳن ٿا، جنھن سبب اسان جو لکين رپين جو نقصان ٿيندو رهي ٿو، اسان گھاري جو اطلاع به ڏنو، پر آبپاشي عملدار نه پهتا، جنهن بعد اسان مڙسي ڪري گھاري کي وڏي جدوجهد بعد بند ڪيو. هنن آبپاشي کاتي جي صوبائي وزير کان مطالبو ڪيو ته گھاري پوڻ جو نوٽيس وٺي نااهل آبپاشي عملدارن خلاف ڪارروائي ڪري نقصان جو ازالو ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button