پاڪستانسنڌ

اوگرا بل اپوزيشن جي اتفاق را سان منظور ٿيو:سراج الحق

احيدرآباد: جماعت اسلامي جي امير سراج الحق چيو آهي ته وزيراعظم جي دعوائن ۽ واعدن جي ڀت ڪري زمين ۾ دفن ٿي وئي آهي، حڪومت عوام تي خودڪش حملا ڪري رهي آهي. پيٽرول ۽ بجلي کانپوءِ گئس جا اگهه وڌائڻ جون تياريون ڪيون پيون وڃن. مني بجيٽ کانپوءِ سينيٽ مان اوگر بل به اپوزيشن جي اتفاق راءِ سان منظور ڪيو ويو. ٽنهي نام نهاد وڏين سياسي پارٽين ۾ نورا ڪشتي جي ويڙهه جاري آهي. ملڪ ۾ عملي طور تي آءِ ايم ايف ۽ ورلڊ بئنڪ جي اجارداري آهي. واشنگٽن مان آرڊر اچن ٿا، اسلام آباد ۾ ويٺل حڪمران ان تي اکيون پوري عمل ڪري رهيا آهن. ملڪ تي حڪمراني ڪندڙ حڪمرانن 22 ڪروڙ غيرتمند پاڪستانين کي غلام بڻائي ڇڏيو آهي. اها راند 73 سالن کان جاري آهي. ملڪ اسلام جي نالي تي ٺاهيو ويو، پر هتي هڪ ڏينهن به نظام مصطفيٰ لاڳو نه ٿي سگهيو. جامعه العلوم عربيه گوجرانوالا ۾ تقريب کي خطاب ڪندي هن وڌيڪ چيو ته ملڪ جو هر ٻار انهن جون چالون سمجهي چڪو آهي. ملڪ جي عوام جي اڪثريت پاڪستان ۾ اسلامي نظام چاهي ٿي. ان موقعي تي شيخ الحديث مولانا عبدالمالڪ حديث بخاري جو درس ڏنو. ان موقعي تي جماعت اسلامي جومرڪزي اطلاعات سيڪريٽري قيصر شريف پڻ موجود هو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button