اسلام آبادپاڪستان

فوج ۽ عدليا سميت ملڪي ادارن تي تنقيد سزا جوڳو ڏوهه قرار ڏيڻ جو فيصلو

اسلام آباد :فوج ۽ عدليا سميت ملڪي ادارن تي تنقيد سزا جوڳو ڏوهه قرار ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو آھي. حڪومت پرِيوَينشن آف اليڪٽرانڪ ڪرائيم ايڪٽ 2016 ۾ ترميم جي منظوري ڏئي ڇڏي آھي. ذريعن جو چوڻ آهي ته قانون ۾ ترميم جي منظوري بعد ادارن خلاف مهم هلائيندڙن خلاف ڪارروائي ٿيندي. تجويز ٿيل ترميم ذريعي ادارن تي تنقيد ڪندڙن کي 3 کان 5 سال قيد جي سزا ملي سگهندي. صدر طرفان ترميمي ايڪٽ جو آرڊيننس جلد جاري ڪرڻ جا امڪان آھن. سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ سڌ سماءَ واري وفاقي وزير فواد چوڌري جو چوڻ هو ته وفاقي ڪابينا کي ٻه اهم قانون منظوري جي لاءِ اماڻيا ويا آهن، پهرئين قانون تحت پارليامينٽرينز کي اليڪشن ڪمپين ۾ حصو وٺڻ جي اجازت ڏني وئي آهي، جڏهن ته ٻئي قانون جي تحت سوشل ميڊيا تي ماڻهن جي بي عزتي ڪرڻ کي ڏوهه قرار ڏنو ويو آهي. عدالتن کي پابند ڪيو ويو آهي ته فيصلو ڇهه مهينن ۾ ڪيو ويندو. واضح رهي ته پهريون اها خبر آئي هئي ته حڪومت اليڪشن ڪميشن جي ڪوڊ آف ڪنڊڪٽ قانون ۾ تبديلي جو فيصلو ڪري ورتو آهي ۽ وفاقي ڪابينا آرڊيننس جي منظوري به ڏئي ڇڏي آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته اليڪشن ڪميشن جي ڪوڊ آف ڪنڊڪٽ تي سموريون سياسي پارٽين کي خدشا هئا، قانون جي منظوري بعد وزير ۽ پارليمينٽرينز چونڊ مهم هلائي سگھندا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button