پاڪستانپنجاب

جهانگير ترين پارٽي کي نقصان نه پهچائيندو،مخالف ڄامڙا آهن:فواد چوڌري

پنڊ دادن خان/جهلم :اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته ملڪ جو وزيراعظم ۽ عوامي نمائندو اهو هجڻ گهرجي جيڪو ماڻهن جي عزت ۾ اضافو ڪري سگهي. عمران خان جي ليول جو ڪو ليڊر پاڪستان ۾ موجود نه آهي، اسان جا مخالف سياسي ڄامڙا آهن، انهن جو آواز عالمي سطح تي نه ٿو ٻڌو وڃي. اسلامو فوبيا سميت مختلف معاملن تي عالمي برادري عمران خان جي موقف کي سدائين ٻڌو آهي، چين جي دوري جي موقعي تي وزيراعظم عمران خان جو شاندار استقبال ڪيو ويو. ڪالهه ڇنڇر ڏينهن پنڊ دادن خان ۾ صحافين سان ڳالهائيندي اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو ته 23 سالن کانپوءِ ڪو به پاڪستاني ليڊر ماسڪو جو دورو ڪرڻ وڃي رهيو آهي ۽ وزيراعظم عمران خان جو روس جو دورو گيم چينجر هوندو، چين کانپوءِ روس سان پاڪستان جا مستحڪم لاڳاپا قائم ٿيڻ وڃي رهيا آهن. هن چيو ته مريم نواز لنڊن مان پنهنجو پئسو واپس کڻي اچي ته حالتون ڪافي بهتر ٿي وينديون، مريم نواز کي احساس آهي ته پنهنجي بابا ۽ ڀائرن کي چوي ته پاڪستانين جو پئسو واپس ڪن. هن چيو ته جيڪي اسان جي خلاف عدم اعتماد آڻڻ چاهين ٿا، انهن جي گهروارا به انهن تي اعتماد نه ٿا ڪن. مخالف ڌر سينيٽ ۾ اڪثريت جي باوجود پنهنجا ووٽ پورا نه ڪرائي سگهي، مخالف ڌر ۾ جرئت آهي ته سڀاڻي ئي عدم اعتماد کڻي اچي، عمران خان جي حڪومت کي وفاق ۽ پنجاب ۾ ڪو خطرو نه آهي. هن چيو ته جهانگير ترين سان احترام جو تعلق آهي، اميد آهي ته هو پارٽي سان گڏ رهندو. جهلم ۾ بلدياتي چونڊون پهرين مرحلي ۾ آهن. پي ٽي آءِ جا ڪارڪن تياري ڪن، جهلم جي عوام سان ڪيل سمورا واعدا پورا ڪيا آهن ۽ وقت اچي ويو آهي ته جهلم جي ماڻهن جو اعتماد ٻيهر حاصل ڪيو وڃي ۽ انشاءَ الله ماضي وانگر هن ڀيري به پي ٽي آءِ جهلم ۾ ڪلين سوئپ ڪندي. وفاقي وزير چيو ته محسن بيگ مراد سعيد جي لاءِ جيڪا بيهوده زبان استعمال ڪئي، ان تي ايف آءِ اي ڪارروائي ڪئي، پاڪستان جو ڪو به شخص محسن بيگ جهڙي طرز ڪلام جي حمايت نه ٿو ڪري، قانون ان کي احترام سيکارڻ چاهي ٿو، مراد سعيد اڳتي وڌي معاملي تي ايف آءِ آر داخل ڪرائي پوري قوم ان سان گڏ بيٺل آهي. ٻئي طرف ملتان پريس ڪلب جي نئين چونڊيل صدر شڪيل انجم ۽ عهديدارن کي مبارڪباد ڏيندي اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو ته اميد آهي ته ملتان پريس ڪلب جي نئين چونڊيل قيادت صحافين جي ڀلائي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندي. هن چيو ته ملتان پريس ڪلب جا صحافي پنهنجي قلم ۽ مائيڪ سان ڏکڻ پنجاب جي اهم خبرن خاص طور تي زراعت جي شعبي کان پوري پاڪستان ۽ دنيا کي آگاهه رکن ٿا. هن چيو ته لاهور پريس ڪلب ۾ صحافين کي صحت ڪارڊ جاري ڪيا ويا آهن، ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ باقي پريس ڪلبن جي ميمبرن کي پڻ صحت ڪارڊ فراهم ڪيا ويندا. هن چيو آهي ته تحريڪ انصاف جي حڪومت اظهار راءِ جي آزادي ۽ صحافت جي آزادي تي مڪمل يقين رکي ٿي، موجوده حڪومت صحافين جي تحفظ لاءِ جرنلسٽ پروٽيڪشن بل اسيمبلي مان پاس ڪرايو، وزيراعظم عمران خان جي پنهنجو گهر اسڪيم تحت صحافين کي آسان قسطن تي گهرن جي لاءِ قرض فراهم ڪيو پيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button