سنڌ

ڪنڊيارو ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ همراهه قتل

ڪنڊيارو شهر ۾ تعلقي اسپتال ڀرسان نامعلوم هٿياربند گوليون هڻي همراهه کي قتل ڪري فرار ٿي ويا، جنهن کانپو موجود ماڻھن لاش تعلقي اسپتال پهچايو، جتي ڊاڪٽرن سندس موت جي تصديق ڪئي. مقتول جي کيسي مان مليل ڪارڊ مان سندس سڃاڻپ ڊيرا مراد جمالي جي ڳوٺ مير مقيم خان رند جي رهواسي رحمت الله رند طور ٿي، واقعو پيش اچڻ کانپوءِ پوليس شھر جي خارجي رستن کي سيل ڪري ڇڏيو. رابطو ڪرڻ تي ايس ايڇ او ڪنڊيارو علي اڪبر کوکر ٻڌايو ته قتل ٿيل همراهه کي موٽر سائيڪل ڪرائي تي هلائيندڙ موٽر سائيڪل سوار اسماعيل جتوئي کڻي ڪنڊيارو پهتو، جنهن کي پوليس تحويل ۾ ورتو، جنهن ٻڌايو ته هو موٽر سائيڪل ڪرائي تي هلائيندو آهي ۽ کيس سکر مان ڪرائي تي ڪنڊيارو کڻي آيو. ايس ايڇ او موجب قتل ٿيل همراهه جا پنهنجي برادري ۽ ٻين ماڻهن سان پراڻا تڪرار هلندڙ آهن، جنهن ڪري ذاتي دشمني تي قتل ٿيو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button