اسلام آبادپاڪستان

جعلي خبر تي 5 سال قيد جي سزا:صدارتي آرڊيننس جاري

اسلام آباد : صدر عارف علوي پريوينشن آف اليڪٽرانڪ ڪرائمز (پيڪا) ترميمي آرڊيننس جاري ڪري ڇڏيو. صدر طرفان جاري ڪيل آرڊيننس موجب ڪنهن به فرد جي ساک کي نقصان پهچائڻ تي قيد 3 سالن مان وڌائي 5 سال ڪئي وئي آهي. ڪالهه صدر عارف علوي پريوينشن آف اليڪٽرانڪ ڪرائمز (پيڪا) ترميمي ۽ اليڪشن ترميمي آرڊيننس تي صحيحون ڪري ڇڏيون آهن. صدر طرفان جاري پيڪا آرڊيننس ۾ “شخص” جي تعريف شامل ڪئي وئي آهي، جنهن موجب “شخص” ۾ ڪا به ڪمپني، ايسوسيئيشن، ادارو يا اٿارٽي شامل آهي. جڏهن ته ترميمي آرڊيننس ۾ ڪنهن به فرد جي ساک تي حملي تي قيد 3 مان وڌائي 5 سال ڪيو ويو آهي. آرڊيننس موجب شڪايت داخل ڪندڙ متاثر ڌر، ان جو نمائندو يا گارڊين هوندو، ڏوهه کي پڪڙ جوڳو قرار ڏنو ويو آهي، جيڪو ضمانت جوڳو نه هوندو. ترميمي آرڊيننس ۾ چيو ويو آهي ته ٽرائل ڪورٽ 6 مهينن جي اندر ڪيس جو فيصلو ڪندي ۽ هر مهيني ڪيس جا تفصيل هاءِ ڪورٽ ۾ جمع ڪرائيندي. هاءِ ڪورٽ کي جيڪڏهن لڳندو ته ڪيس تڪڙي اڪلائڻ ۾ رنڊڪون آهن ته رنڊڪون ختم ڪرڻ جو چوندي. آرڊيننس موجب وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن ۽ آفيسرن کي رنڊڪون ختم ڪرڻ جو چيو ويندو. هر هاءِ ڪورٽ جو چيف جسٽس هڪ جج ۽ آفيسرن کي ان ڪيس لاءِ نامزد ڪندو. ان کانسواءِ صدر عارف علوي اليڪشن ايڪٽ ترميمي آرڊيننس تي به صحيحون ڪري ڇڏيون آهن. آرڊيننس موجب سموريون اسيمبليون، سينيٽ ۽ مقامي حڪومتن جا ميمبر اليڪشن مهم دوران تقرير ڪري سگهندا، ڪو به پبلڪ آفيس هولڊر ۽ چونڊيل نمائندو تڪ جو دورو ڪري سگهندو. آرڊيننس موجب ڪو به ڄاڻي واڻي عوامي سطح تي انفارميشن سسٽم ذريعي اهڙي ڄاڻ نشر ڪندو، جيڪا غلط هوندي ۽ ان سان ڪنهن شخص جي ساک يا نجي زندگي کي نقصان پهچندو ته ان جي سزا 5 سال هوندي. ان حوالي سان پيمرا جي لائسنس يافتا ٽي وي چئنلز کي حاصل ڇوٽ ختم ڪئي وئي آهي. آرڊيننس ۾ چيو ويو آهي ته وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن ۽ آفيسرن کي رنڊڪون ختم ڪرڻ جو چيو ويندو. هر هاءِ ڪورٽ جو چيف جسٽس هڪ جج ۽ آفيسرن کي ان ڪيس لاءِ نامزد ڪندو. هوڏانهن پيڪا آرڊيننس تي وفاقي وزير فروغ نسيم جو چوڻ آهي ته ميڊيا آزاد آهي، جيڪا چاهي تنقيد ڪري پر فيڪ نيوز نه هجڻ گهرجي. فيڪ نيوز جي سزا 5 سال هوندي، ڏوهه پڪڙ جوڳو ۽ ضمانت نه ٿيڻ جوڳو هوندو. بنا ڪنهن کي وارنٽ جي گرفتاري ممڪن هوندي. ان معاملي تي ٽرائل 6 مهينن ۾ ٿيندو. هن چيو ته جعلي خبرن جي ڪنهن کي به ڇوٽ نه هوندي. اهي ماڻهو پاڪستان ۾ ڏڦيڙ پکيڙڻ چاهين ٿا، ڪجهه ماڻهو صحافي بڻيل آهن، اصل ۾ اهي صحافي ناهن، جعلي خبرن جي روڪٿام لاءِ اهو قانون ضروري هو. ڪجهه صحافي جعلي خبرن ذريعي معاشري ۾ هيجاڻي ڪيفيت پئدا ڪرڻ چاهين ٿا. اهي ماڻهو پاڪستان جا دوست ناهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button