اسلام آبادپاڪستان

پيڪا قانون ۽ اليڪشن ايڪٽ ۾ ترميم افسوسناڪ آهي:ايڇ آر سي پي

اسلام آباد :هيومن رائٽس ڪميشن آف پاڪستان پيڪا قانون ۽ اليڪشن ايڪٽ ۾ ترميم کي افسوسناڪ قرار ڏئي ڇڏيو آهي. ان ڏس ۾ هيومن رائٽس ڪميشن آف پاڪستان جو چوڻ آهي ته سڀني سرڪاري ۽ رياستي اختيارين کي ياد ڏياريو ٿو وڃي ته اهي شهرين ڏانهن جوابدا آهن، چونڊيل نمائندا ۽ سرڪاري ملازم عوام کي جوابدا آهن ۽ تنقيد برداشت ڪرڻ ان جي نوڪري جو حصو آهي. پاڪستان فيڊرل يونين آف جرنسلٽ (پي ايف يو جي) پيڪا ايڪٽ آرڊيننس جي مخالف ڪئي ۽ پنهنجي بيان ۾ چيو ته اڳ کان موجود قانون ۾ سڌارن بدران حقن کي ختم ڪيو پيو وڃي. ميڊيا ڪميونٽي ۽ سول سوسائٽي پيڪا 2016 جون ڪاريون شقون ختم ڪرڻ جو مطالبو ڪري ٿي. پي ايف يو جي سڀني صحافين، سول سوسائٽي ۽ سياستدانن کان ان خلاف احتجاج جو مطالبو به ڪيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button