پاڪستانسنڌ

مرحوم وڏيرو عبدالصمد خان ٽورنامينٽ ڏيرا اليون کٽي ورتو

ڪلوئي: ڪلوئي لڳ اوطاق وڏيري عبدالصمد خان وٽ وڏيري عبدالصمد خان جي ياد ۾ ٽورنامينٽ ڪرايو ويو، جنهن ۾ 17 ٽيمن حصو ورتو، جنهن جو فائنل ڏيرا اليون ۽ خاصخيلي اليون ۾ ڪاجهر جي گرائونڊ تي ٿيو، جنهن ۾ خاصخيلي اليون پهرين بيٽنگ ڪندي مقرر 12 اوورن ۾ 152 رنسون ٺاهيون، ڏيرا اليون ٽارگيت مڪمل ڪري ٽورنامينٽ کٽي ورتو. ڏيرا اليون جي ڪپتان مجيب الرحمان ڏيرو کي ارباب گروپ اڳواڻ ارباب انور جبار، ارباب عنايت الله، ارباب ظفر الله، ڊاڪٽر نواز ڀوت ۽ ٻين روڪ انعام ۽ ٽرافيون ڏنيون. ڏيرا اليون پاران ميچ دي آف ماجد ۽ مين آف دي سيريز جان محمد کي انعام ڏنا ويا. ڪمينٽري جا فرض حاڪم ڏيرو ادا ڪيا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button