پاڪستانسنڌ

ٽنڊوالهيار ۾ شهري اتحاد جو صوبائي وزير جي گهر اڳيان ڌرڻو

ٽنڊوالهيار: ٽنڊو الهيار ۾ صفائي نه ٿيڻ، وڌندڙ چورين، منشيات فروشي، سول اسپتال ۾ سهولتن جي کوٽ ۽ ٻيا بنيادي مسئلا حل نه ٿيڻ خلاف شهري اتحاد پاران صوبائي وزير جي رهائشگاهه آڏو احتجاجي ريلي ڪڍي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو. شهري اتحاد اڳواڻن عمران خاصخيلي ۽ علي حسن تهراڻي جي اڳواڻي ۾ شهرين ۽ ٻين ٽنڊوآدم ناڪي کان ريلي ڪڍي، جيڪا شهر جي مختلف علائقن مان ٿيندي ورڪس اينڊ سروسز واري صوبائي وزير سيد ضياءَ عباس شاهه جي رهائشگاهه رضوي هائوس جي گيٽ وٽ پهتي، جتي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو. پوليس جي وڏي نفري شهري اتحاد جي ڪارڪنن کي رضوي هائوس جي دروازي تي روڪي ڇڏيو. ان موقعي تي عمران خاصخيلي، علي حسن تهراڻي ۽ ٻين صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته ٽنڊوالهيار شهر گندگي جي ور چڙهيل آهي. نصرپور روڊ سميت مختلف علائقن ۾ گندو پاڻي سمنڊ جو ڏيک ڏئي رهيو آهي، پر انتظاميا مڪمل خاموش آهي، شهر جي ٻن پلن سميت مختلف روڊ رستا تباهه ٿي ويا آهن، جيڪي ڪيتري ئي عرصي کان ناهن ٺهي سگهيا. پوليس شهر مان منشيات جو خاتمو ڪرڻ ۾ مڪمل ناڪام ٿي چڪي آهي، شهر جي هر گهٽي هر چوراهي تي منشيات وڪرو ٿي رهي آهي. سول اسپتال ۾ سهولتن ۽ ڊاڪٽرن جو کوٽ آهي، سول اسپتال کي ضلعي جي اسپتال جو درجو ڏئي عوام کي صحت جون سهولتون ڏنيون وڃن. احتجاج دوران پ پ ضلعي نائب صدر مولابخش ٿيٻو ۽ سٽي صدر آفتاب جوڻيجو پهچي مظاهرين سان ڳالهيون ڪرڻ بعد احتجاج ختم ڪرايو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button