پاڪستانسنڌ

مهانگائي خلاف ڪوٽڙي ۾ نوجوانن جو پني احتجاج

ڪوٽڙي: ڪوٽڙي ۾ وڌندڙ تيل جي قيمتن ۽ مهانگائي خلاف سماجي تنظيم جي ڪارڪنن فقير بڻجي ھٿن ۾ ٿال کڻي پني انوکو احتجاج رڪارڊ ڪرايو. ڄامشورو سجاڳ فورم جي ڪارڪنن سچل گرائونڊ کان پني ڪري انوکو احتجاج ڪري ريلي ڪڍي شھري جو گشت ڪري المدينه چوڪ تي ڌرڻو ھڻي نعريبازي ڪئي. ان موقعي تي اڳواڻن اقبال ڪوريجو، جاني گھرياڻي، رضا جوکيو ۽ ٻين چيو ته ملڪ ۾ وڌندڙ ڳاٽي ٽوڙ مھانگائي غريب عوام جا لاهھ ڪڍي ڇڏيا آھن، جنھن سبب غريب عوام پنڻ تي مجبور بڻيل آھن، ھڪ ڏينھن اندر پيٽرول جي قيمتن ۾ 12 رپين جي واڌ ڪئي وئي آھي، جنھن سبب غريب ماڻھن جي زندگي مفلوج بڻجي وئي آھي. ھنن مطالبو ڪيو ته وڌندڙ مھانگائي تي ڪنٽرول ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button