سنڌ

لاڙڪاڻي ۾ آپڪا پاپوليشن کاتي جي ملازمن جو مظاهرو

لاڙڪاڻي ۾ آپڪا پاپوليشن کاتي پاران مطالبن جي مڃتا لاءِ پريس ڪلب اڳيان مظاهرو ڪري علامتي بک هڙتال ڪئي وئي. ان موقعي آپڪا اڳواڻ پيرل دايو، محمد شريف عمراڻي، قطب الدين راجپوت، عبدالوهاب مغيري ۽ ٻين چيو ته پاپوليشن کاتي جا ملازم ڪافي عرصي کان اپ گريڊيشن، ٽائيم اسڪيل، رسڪ الائونس سميت ٻين مطالبن لاءِ احتجاج ڪري رهيا آهن پر سنڌ حڪومت جائز مسئلا منظور نه پئي ڪري. سرڪاري نوڪريون ميرٽ بدرانِ سياسي بنيادن تي ورهائڻ جو منصوبو جوڙيو ويو آهي. سرڪاري نوڪريون ڊپٽي ڪمشنر معرفت ڏيڻ واري پاليسي کي رد ڪريون ٿا. هنن اختيارين کان مطالبو ڪيو ته ملازمن جي اپ گريڊيشن بحال ڪري، ٽائيم اسڪيل ۽ رسڪ الائونس ڏنو وڃي، ڪشمور ۽ ڪنڌڪوٽ جي برطرف ميل موبلائيزرن کي بحال ڪري پڪو ڪيو وڃي. سال 2009ع کان 2012ع تائين ڀرتي ڪيل ڪانٽريڪٽي ملازمن کي پڪو ڪيو وڃي، گهوٽڪي جي 18 ملازمن جون 5 سالن کان بند پگهارون جاري ڪيون وڃن. سن ڪوٽا بحال ڪري ملازمن جي اولاد کي نوڪريون ڏيڻ سان گڏ ڊي سي معرفت نوڪريون ڏيڻ واري پاليسي ختم ڪري ميرٽ تي ڀرتيون ڪيون وڃن، مهانگائي، بيروزگاري ۽ لاقانونيت جو خاتمو آڻي عوام کي جيئڻ جو حق ڏنو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button