سنڌ

لاڙڪاڻي ۾ عورت جو پنهنجي مڙس جي زيادتين خلاف احتجاج

لاڙڪاڻي جي خدا آباد پاڙي جي رهواسڻ شادي شده عورت پنهنجي پيرسن ما ۽ ڀاءُ سان گڏجي مڙس جي مبينا زيادتين خلاف پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪيو. ان موقعي تي عورت شاهده خاتون ڪلهوڙو پيرسن ما اربيلي ۽ ڀاءُ فرحان ڦلپوٽو سان گڏجي دانهيندي چيو ته سال 2012ع ۾ منهنجي شادي تعليم کاتي جي ملازم آصف ڪلهوڙو سان ٿي هئي، جنهن مان ٻن نياڻين جي اولاد آهي. 5 ڏينهن اڳ مڙس آصف باڊهه ۾ رهندڙ ما جي گهر ڇڏي ويو، جنهن بعد هن مونکي بيگناهه طلاق نامو ڏياري موڪليو. هن الزام لڳايو ته 3 ڏينهن اڳ مڙس آصف پنهنجي ساٿين سان گڏ باڊهه آيو، جتان هو منهنجي 8 ورهين جي نياڻي آسنات کي اغوا ڪري کڻي ويو آهي، مڙس مونکي ڪجهھ به نه ڏيندو هو تنهن باوجود به مان معصوم نياڻين سان گڏ عزت سان گهر ۾ رهندي هيس ۽ هو بيگناهه طلاق ڏيڻ چاهي ٿو. هن ڊي آءِ جي، ايس ايس پي لاڙڪاڻي کي اپيل ڪئي ته نوٽيس وٺي مڙس خلاف ڪارروائي ڪري نياڻي بازياب ڪرائي حق ڏياري انصاف ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button