سنڌ

لاڙڪاڻي ۾ ماستري ٽيسٽ پاس اميدوارن جو آرڊر نه ملڻ خلاف احتجاج

لاڙڪاڻي ۾ 12 سال اڳ تعليم کاتي ۾ پرائمري ٽيچر جي ڀرتين لاءِ سنڌ يونيورسٽي ٽيسٽ پاس ڪندڙ اميدوارن آفر آرڊر نه ملڻ خلاف ڳچين ۾ سڪل مانيون ٻڌي احتجاجي مظاهرو ڪري علامتي بک هڙتال ڪئي. ان موقعي تي اميدوارن آفتاب منگي، عبدالحميد قريشي، امجد بليدي ۽ علي ڏنو گاد دانهيندي چيو ته 2009ع ۾ سنڌ يونيورسٽي جي نگراني ۾ ٽيچر جي ڀرتين لاءِ لکت ٽيسٽ ڏيئي 60 کان 85 مارڪون کڻي ڪاميابي حاصل ڪئي پر سازش تحت اسان جا نالا ويٽنگ لسٽ ۾ رکي 5 ڀيرا لسٽون تبديل ڪري 15 لک عيوض آرڊر جاري ڪيا ويا، اهڙا ثبوت موجود آهن. هنن بلاول ڀٽو، وڏي وزير، تعليم کاتي جي صوبائي وزير کي اپيل ڪئي ته پرائمري ٽيچري جا آفر آرڊر ڏئي روزگار ڏياريو وڃي ٻي صورت ۾بلدياتي چونڊن جو بائيڪاٽ ڪيو ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button