سنڌ

سنڌ ۾ ڪوبه گورنر راڄ لاڳو نه پيو ٿئي:وڏو وزير مراد علي شاهه

قمبر ويجهو ڳوٺ خيرپور جوسو ۾ وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سان پهچي ايم پي اي گهنور خان اسراڻ سان سندس والد شهيد خان اسراڻ جي وفات تي تعزيت ڪندي ڏک ونڊيو. ان موقعي تي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته شهيد خان اسراڻ جون پارٽي لا تمام وڏيون خدمتون آهن، جن کي ڪڏهن به وساري نٿو سگهجي، هو پارٽي جو سرمايو هو. مراد علي شاهه وڌيڪ چيو ته سنڌ ۾ ڪو گورنر راڄ لاڳو نه پيو ٿئي. اهڙو راڳ ڳائيندڙ احمقن جي جنگ ۾ رهن ٿا. هن چيو ته 27 فيبروري تي ٿيندڙ لانگ مارچ حڪومت جي تابوت ۾ آخري ڪوڪو ثابت ٿيندو. هن چيو ته وفاقي حڪومت هٿ سان مهانگائي ڪري غريب عوام کان جيئڻ جو حق کسيو آهي. هن چيو ته 18هين آئيني ترميم ۾ صوبن کي رائلٽي جو حق حاصل آهي پر وفاقي حڪومت سنڌ جا حق غضب ڪري رهي آهي، جنهن کي ڪڏهن برداشت نه ڪيو ويندو. ان موقعي تي صوبائي وزير ايڪسائيز اينڊ نارڪوٽيڪس مڪيش ڪمار چاولا، پ پ پ اڳواڻ ۽ ورڪر وڏي انگ ۾ موجود هئا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button