سنڌ

فلپائن ڄائي دبئي واسڻ ميرو خان واسي سان شادي ڪري ڇڏي

فلپائن ڄائي دبئي واسڻ ناري پاڪستان اچي ميروخان واسي نوجوان سان پسند جو پرڻو ڪري ڇڏيو. 33 ورهين جي ناري ريئا ميرو خان واسي دبئي ۾ رھندڙ 38 ورهين جي جميل ميمڻ سان دبئي کان اچي سنڌي رسمن موجب لائون لهي پسند جو پرڻو ڪري ڇڏيو. ان موقعي تي جوڙي ٻڌايو ته هو دبئي جي نجي ڪمپني ۾ 2016ع کان گڏ نوڪري ڪندڙ آهن ۽ ان دوران ٻنهي محبت ٿيڻ بعد هنن شادي جو فيصلو ڪيو. جنهن بعد فلپائن ڄائي دبئي واسڻ ريئا اسلام قبول ڪري سنڌ اچي شادي ڪئي آهي. ان موقعي تي ڪنوار ريئا جو چوڻ هو ته سنڌ جا ماڻهو سهڻا ۽ پيار ڪندڙ آهن، جميل سان شادي ڪري پاڻ کي خوشنصيب سمجهان ٿي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button