سنڌ

ٺل ۾ سلات پاران بهار علي بهار جي ورسي تقريب ۽ سگهڙ ڪانفرنس

ٺل ۾ سلات پاران سگھڙ بھار علي بھار ٻرڙو جي اٺين ورسي جي موقعي تي سدا بھار قومي سگھڙ ڪانفرنس ڪوٺائي وئي. سُگهڙ، صوفي ڪلاڪار، شاھه لطيف جي پارکو استاد بهار علي بهار ٻرڙي جي اٺين ورسي ڳوٺ بهار ٻُرڙي ۾ ملهائي وئي، جنهن ۾ سدا بهار قومي سگهڙ ڪانفرنس ڪوٺائي وئي، جنهن ۾ سنڌ، پنجاب ۽ بلوچستان جي ناليواري سگهڙن ۽ شاعرن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي گل حسن گل ملڪ، محمد اسماعيل لاشاري، سيد عزيز شاهه، پنهل پياسي ٻرڙو، عزيزالله مستوئي، ارشاد علي عرضائي، مولابخش شيدي، اقبال عادل مهر، حبيب الله بهار ٻرڙو، عبدالقادر اوڳاهي، ڪريم بخش ملڪ، عبدالستار اوڳاهي، ميرحسن ملڪ، نور احمد نور پتافي، حاجي اربيلو منگي، الله بخش سامت، وزير احمد چاچڙ، ڪوڙل بمبل، برڪت علي ڀٽي، محمد اسماعيل ڪيهر، سلمان ڀٽي، علي اڪبر، قائم الدين مهر، نهال خان ٻُرڙو، غلام مصطفيٰ مشتاق ٻُرڙو، حميد ھمايوني، عبدالحق مهر، فيض محمد ڀٽي،جمن ڀٽي، نظام الدين سميت ڏات ڌڻين پَهاڪا، پِروليون، سَت سُريون، مُناظرا، لوليون، ڳُجهارتون، ڏور، ٽِيھ اکريون، ۽ سينگار سان گڏ مزاحمتي توڙي اصلاحي شاعري پيش ڪري ڏات جا ڏيئا روشن ڪيا. ڪانفرنس ۾ ٻن ڪتابن استاد بھار ٻرڙو جي شاعري جو مجموعو برسي بوند بھار ۽ شمن شمس ٻرڙو جو ڪتاب اڪير جي وک تان جي مھورت ڪئي وئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button