پاڪستانرانديون

اولمپڪس هاڪي ۾ پهريون گولڊ ميڊل کٽيندڙ عبدالوحيد خان لاڏاڻو ڪري ويو

ڪراچي: اولمپڪس ۾ پاڪستان لا هاڪي ۾ پهريون گولڊ ميڊل کٽيندڙ ٽيم جو ميمبر اولمپيئن عبدالوحيد خان لاڏاڻو ڪري ويو. عبدالوحيد خان جي پٽ فيصل وحيد خان ٻڌايو ته 85 ورهين جي عبدالوحيد کي اوچتو طبيعت ٿيڻ سبب اسپتال نيو ويو هو پر ڊاڪٽرن ٻڌايو ته سندس والد فوت ٿي ويو آهي.

عبدالوحيد خان قومي هاڪي ٽيم جو ميمبر هو، جنهن 1960ع جي روم اولمپڪس ۾ پهريون گولڊ ميڊل کٽيو هو. اولمپيئن عبدالوحيد خان 1962ع ۾ جڪارتا ايشين گيمز ۾ به گولڊ ميڊل کٽيو هو ۽ پاڪستان هاڪي ٽيم جو مئنيجر ۽ ڪوچ پڻ رهيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button