پاڪستانسنڌ

نندو ۾ پيئڻ جي پاڻي جي فراهمي نه ٿيڻ خلاف احتجاجي ڌرڻو

نندو: نندو شھر جي مختلف پاڙن ۾ پاڻي نه پھچڻ ڪري ٽائون ڪميٽي ۽ پبلڪ ھيلٿ انتظاميا خلاف شھرين پريس ڪلب آڏو نندو-بدين روڊ تي احتجاجي ڌرڻو ھنيو. ان موقعي تي ساجد چانڊيو، فضل چانڊيو، علي سمون ۽ ٻين چيو ته شھر جي مختلف پاڙن ۾ گذريل ڪيتري عرصي کان پاڻي نٿو پھچي، جنھن جو سبب ٽائون انتظاميا ۽ پبلڪ ھيلٿ انتظاميا جي غلط پاليسي آھي، جڏھن ته اسان جي محلن جا لڳل وال بند ڪري من پسند وڏن بااثر ماڻھن جي محلن ۾ پاڻي پھجايو پيو وڃي.

جڏھن ته اسان پاڻي پيسن تي خريد ڪري رھيا آھيون، اسان ڪيترائي دفعا چونڊيل نمائندن سميت آفيسرن کي شڪايتون ڪيون آھن، ھنن وڌيڪ چيوته جيڪڏهن اسان جي محلن جا بند ڪيل وال کولي اسان کي پاڻي نه ڏنو ويو ته ٽائون ۽ پبلڪ ھيلٿ انتظاميا خلاف احتجاجي تحريڪ ھلائينداسين.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button