پاڪستانسنڌ

ھڪ وزير کي خوش ڪرڻ لا صدارتي آرڊيننس جاري ڪيو ويو: پ پ سنڌ

ٺٽو/ڌاٻيجي/گهارو/گولاڙچي: پاڪستان پيپلزپارٽي سنڌ جي انفارميشن سيڪريٽري عاجز ڌامراھه، اڳوڻي سينيٽر سسئي پليجو، بلاول ھائوس جي ترجمان فدا حسين سومرو ۽ ٻين پريس ڪلب ٺٽو، ڌاٻيجي ۽ گهارو ۾ صحافين سان ڳالهائيندي چيو آھي ته سنڌي ٻولي کي قومي ٻوليءِ جو درجو ڏيارڻ لاءِ سينيٽ جي اسٽينڊنگ ڪميٽي ۾ بل تي بحث ڪرايو، سنڌ اسيمبلي به قرارداد منظور ڪئي، ھڪ ڏينھن ھنن کي اھو بل منظور ڪرڻو پوندو، هنن چيو ته ھڪ وزير کي خوش ڪرڻ لا صدارتي آرڊيننس جاري ڪيو ويو، نااھل حڪومت کان ھر ماڻھو بيزار ٿي چڪو آھي. هنن چيو ته 27 فيبروري کان شروع ٿيندڙ مارچ موجودہ وفاقي حڪومت خلاف عوامي نفرت جو اظھار ثابت ٿيندو،

ھاڻي سندن چالبازين ۾ عوام نه ايندو ڪوڙ مٿان ڪوڙ ڳالھائيندڙ حڪمران عوام آڏو پڌرا ٿي ويا آھن، ھنن چيو ته ڪالاباغ ڊيم جي ڳالھه ڪندڙ ملڪ جا دشمن آھن، ڪالاباغ ڊيم جو اشو بار بار کڻڻ تي سپريم ڪورٽ عمران خان خلاف فوري قدم کڻي. ٽن اسيمبلين مان رد ٿيل مئل گھوڙي جو ھاڻي ذڪر نه ٿيڻ گھرجي، شاگرد سياست ملڪ جي ليڊرن کي جنم ڏيندي آھي، ھنن چيو ته سڄي ملڪ جي ٻولين جو ڌرجو ڏيڻ وقت جي ضرورت آھي، جيڪو اڄ نه سڀاڻي ٿيندو، ھنن چيو ته چئيرمين پيپلزپارٽي طرفان موجودہ وفاقي حڪومت جي ناقص پاليسين سبب پاڪستان جو ڏيوالو ڪڍڻ ۽ عوام دشمن پاليسين سبب مھانگائي جي آندل طوفان خلاف 27 فيبروري کان ڪراچي کان اسلام آباد تائين شروع ٿيندڙ لانگ مارچ ۾ عوام کي ڀرپور ساٿ ڏيڻ گهرجي، ھنن چيو ته سليڪٽيڊ وفاقي حڪومت مڪمل ناڪام ٿي چڪي آھي، غلط پاليسين سبب پاڪستان جي عوام جو جيئڻ جنجال بڻجي چڪو آھي، ان موقعي تي ضلعي جنرل سيڪريٽري امتياز قريشي، محمود عالم شاھه ۽ ٻيا موجود ھئا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button