ٺل ۾ اي سيڪشن ٿاڻي جي حد با پاس وٽ 4 هٿياربندن شهري اعجاز احمد نوناري جي گهر تي چڙهائي ڪندي گهرڀاتين کي يرغمال بڻائي گهر ۾بيٺل مهراڻ ڪار، موٽرسائيڪل، سونا زيور، روڪ رقم ۽ ٻيو سامان ڦري ويا. واقعي جي اطلاع تي سوين شهري واقعي واري هنڌ پهچي ويا. اطلاع باوجود پوليس ڪا ڪارروائي نه ڪئي. متاثر گهر ڌڻي اعجاز نوناري ٻڌايو ته 4 هٿياربندن گهر ۾ گهڙي منهنجي مٿان پسٽل رکي سونا زيور، روڪ رقم کڻي ويا. ٻئي طرف شهر ۾ وڌندڙ بدامني خلاف شهرين احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو. ان موقعي تي شھرين ۽ سياسي سماجي اڳواڻن ذوالفقار علي ٻرڙو، ظفر لاشاري، مير حسن ٻرڙو، نماڻو نوناري، اعجاز نوناري ۽ ٻين ايس پي جيڪب آباد کان مطالبو ڪيو ته نااھل پوليس آفيسرن خلاف ڪارروائي ڪري کين فوري طور تي هٽائي ڦر ٿيل سامان ۽ روڪ رقم واپس ڪرائي شهرين کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close