سنڌ

حيدرآباد ۾انٽر ڪاليجٽ ٽيبل ٽينس جو فائنل نذرت ڪاليج کٽي ورتو

حيدرآباد ۾ فورٿ سنڌ ڪاليج گيمز 2021-22 ٽيبل ٽينس گرلز انٽر ڪاليجٽ ٽورنامينٽ گورنمينٽ ڊگري گرلز زبيده ڪاليج ۾ منعقد ٿيو. ان سلسلي ۾ مختلف ڪاليجن جي ٽيمن وچ ۾ کيڏي ويندڙ ٽيبل ٽينس مئچ جو فائنل گورنمينٽ ڊگري نزرٿ گرلز ڪاليج ۾ ڪاميابي ماڻي ورتي. جڏهن ته فائنل جي رنر اپ ٽيم گورنمينٽ ڊگري گرلز خورشيد بيگم ڪاليج، جڏهن ته ٽين پوزيشن گورنمينٽ ڊگري گرلز ڪاليج لطيف آباد نمبر 8 حاصل ڪيو. جڏهن ته فائنل مئچ جي پروگرام ۾ ايڊيشنل ڊائريڪٽر پروفيسر شازيه آخوند، زبيده ڪاليج جي پرنسپال زينت صديقي، فوڪل پرسنل سنڌ ڪاليج گيمز چيف ڊائريڪٽر فزيڪل ايجوڪيشن عقيل احمد، ڪوآرڊينيٽر ڊائريڪٽر فزيڪل ايجوڪيشن ظفر، وحيد راجپوت کي اعزازي شيلڊ ۽ اجرڪن جا تحفا پيش ڪيا ويا. جڏهن ته فورٿ سنڌ ڪاليج گيمز گرلز ٽيبل ٽينس جي سپروائيزر مصباح راهين کي بهترين پروگرام ۽ سٺي ڪارڪرگي ڏيکارڻ تي مبارڪباد ڏني وئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button