سنڌ

پوليس ڪراچي ۽ رتوديرو واري گهرن تي ڇاپا هڻي رهي آهي:صنعان قريشي

جسقم چيئرمين صنعان قريشي لاڙڪاڻو پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ ڪراچي پوليس زوهيب قريشي کي هٿ سان جيل مان ڀڄائي هاڻي هر روز ڪڏهن ڪراچي ته ڪڏهن رتوديرو واري منهنجي گهر تي ڇاپا هنيا وڃن ٿا، ڪراچي واري گهر مان منهنجي ننڍي ڀاءُ قوثين خان ۽ ملازمن کي اغوا ڪري کڻي وڃن ٿا، ڪڏهن رتوديرو مان منهنجي گهر جي ڀرسان پاڙيسرين کي جن ۾ هڪ پروفيسر به آهي انهن کي اغوا ڪري کنيو ويو آهي، انهن جا معصوم ٻار رڙيون ڪندا وتن ٿا پر انهن مائٽن کي ظاهر ڪرڻ لاءِ تيار ناهن، اسان صبر ڪيو ته پوليس جاچ ۾ مداخلت نه ڪيون پر ٽي ڏينهن اڳ ڪراچي ۽ لاڙڪاڻو پوليس لاڙڪاڻي شهر جي او پي ايف ڪالوني ۾ ڇاپو هڻي سنڌ جي نياڻي شهيد بابا بشير خان قريشي جي ڀاڻيجي حرا قريشي ۽ سندس 4 سالن جي معصوم نياڻي سميت 3 ڄڻن کي اغوا ڪري کڻي ويا آهن. ان کان علاوه رتوديرو مان پروفيسر سميت 11 ڄڻن کي گرفتار ڪيو ويو آهي. هن چيو ته اسان واضح ٿا ڪريون ته فورن اسان جي نياڻين کي آزاد ڪيو وڃي ٻي صورت 24 فيبروري تي ٻٻرلو باءِ پاس تي ڌرڻو هنيو ويندو جيڪو نياڻين جي آزاديءَ تائين جاري رهندو. ان حوالي سان قانون جي رکوالن ۽ حڪمران ڌر جي ماڻهن سان رابطو ڪيو ويو پر ڪو جواب نه مليو. هن چيو ته پيپلزپارٽي جي دور ۾ منهنجي بابا ۽ چاچي سميت ٻين ڪارڪنن کي شهيد ڪيو ويو، جيڪڏهن مون مٿان ڪو ڪيس آهي ته ان کي ظاهر ڪيو وڃي ۽ آئون گرفتاري ڏيڻ لاءِ تيار آهيان. ان موقعي تي جسقم جو مرڪزي سينيئر وائيس چيئرمين امجد مھيسر، مرڪزي ماليات سيڪريٽري مومن سمون، اطهر سومرو، عزيز الرحمان شيخ، اصغر ڪورائي، طارق ڪورائي، اياز ڪورائي ۽ ٻيا موجود هئا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button