رانديون

آسٽريليا جو پاڪستان خلاف ون ڊي ۽ ٽي 20 اسڪواڊ جو اعلان، پيٽ ڪمنز سميت وڏا نالا آئوٽ

آسٽريليا 24 سالن بعد رٿيل پاڪستان جي دوري جي ڏس ۾ ٽي 20 ۽ ون ڊي ميچن جي اسڪواڊ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، جيڪو 16 رڪني هوندو. ميڊيا مطابق ڪرڪيٽ آسٽريليا جي اعلان مطابق پاڪستان جي رٿيل دوري ۾ وائيٽ بال اسڪواڊ 16 ڄڻن تي ٻڌل هوندو، جنهن جي ڪپتاني ايرون فنچ ڪندو. جڏهن تھ جوش انگلس، مارنس ليبوشين، مارڪس اسٽوئنس، ايڊم زمپا، مچل مارش، ڪين رچرڊسن، ڪيمرون گرين، اسٽيو سمٿ، شين ايبٽ، آشٽن ايگر، نيٿن ايلس، بين ميڪڊرميٽ، ٽريوس هيڊ، ايلڪس ڪيري ۽ جيسن بحرنڊراف بھ اسڪواڊ جو حصو بڻجي ويا آهن. جڏهن تھ پيٽ ڪمنز، ڊيوڊ وارنر، گيلن ميڪسويل، مچل اسٽارڪ ۽ جوش هيزل آئي پي ايل سبب اسڪواڊ جو حصو نھ بڻجي نھ سگهيا آهن. نيشنل سليڪشن ڪاميٽي جي چيئرمين جارج بيلي جو چوڻ آهي تھ اسان پاڪستان جي دوري جي ڏس ۾ باصلاحيت رانديگرن تي ٻڌل اسڪواڊ چنڊيو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button