پاڪستانسنڌ

نيازي سرڪار عوام کي مايوس ڪيو آھي: رفيق احمد جمالي

سيتاروڊ: پ پ پ ايم اين اي ضلعي دادو جي صدر رفيق احمد جمالي اڳوڻي ايم پي اي پ پ اڳواڻ سيد محمد شاهھ جي دعوت تي سندس ڳوٺ سيتاوليج پھچي ڪچي واري علائقي سيتا وليج کان ڳوٺ ڀنڍ ماڙي تائين 2 ڪروڙن رپين جي لاڳت سان ٺھيل روڊ جو افتتاح ڪيو. ان موقعي تي ايم اين اي رفيق احمد جمالي ھڪ وڏي عوامي ميڙ کي خطاب دوران چيو ته نيازي سرڪار عوام کي مايوس ڪيو آھي، بلاول ڀٽو زرداري جو لانگ مارچ عمران کي گهر ڀيڙو ڪرڻ ۾ اھم ڪردار ادا ڪندو. ھن وڌيڪ چيو ته چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي قيادت ۾ 27 فيبروري تي نڪرندڙ عوامي لانگ مارچ اسلام آباد پهچي نااھل حڪمرانن مان عوام جي جان آجي ڪرائيندو، نيازي سرڪار جي غلط پاليسين سبب مهانگائي، غربت ۽ بيروزگاري عوام کان جيئڻ جو حق کسي ورتو آھي. تقريب ۾ اڳوڻو ايم پي اي سيد محمد شاھه، بابن خان پنھور، غلام شبير ابڙو، عرفان سولنگي ۽ خليل شيخ سميت سوين ماڻهن شرڪت ڪئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button