پاڪستانسنڌ

کڏهرو ۾ بااثر پاران پلاٽ تي مٽي ڀرائڻ جي ڪوشش، مزاحمت تي عورت زخمي

ٽنڊوباگو: ٽنڊوباگو لڳ کڏهرو ۾ بااثر پاران پلاٽ تي مٽي ڀرائڻ جي ڪوشش تي عورتن ۽ مردن جي مزاحمت دوران مٽي جي ڀرائي واري ٽرالي جي ٽڪر لڳڻ ڪري هڪ عورت زخمي ٿي پئي. خبر موجب ٽنڊوباگو لڳ کڏهرو موري تي ڪجهه بااثر ماڻهن پاران پلاٽ تي دڪان ٺاهڻ لاءِ مٽي جي ڀرائي ڪرڻ لا ٽريڪٽر ٽراليون ۽ ڊمپرن تي مٽي کڻي پهتا ته عورتن ۽ مردن لٺيون کڻي مزاحمت شروع ڪري ڇڏي.

جنهن ۾ هڪ عورت لڇمي ٽريڪٽر ٽرالي جو ٽڪر لڳڻ ڪري زخمي ٿي پئي، جنهن بعد عورتن ۽ مردن وشنو ڪولھي، نارو، نيڻو ڪولهي، حنا ۽ رينو ڪولھي جي اڳواڻي ۾ ٽنڊوباگو-غلام شاهه روڊ تي 7 ڪلاڪن تائين ٽائر ساڙي ڌرڻو هڻي ويهي رهيا، ٻئي طرف مٽي جي ڀرائي ڪرائيندڙ محمد رمضان رستماڻي رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته مون پنهنجي سروي زمين تي مٽي جي ڀرائي ڪرائي پر ڪولهي ذات جا ماڻهو منهنجي زمين ڦٻائڻ لاءِ احتجاج ڪري رهيا آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button