اسلام آبادپاڪستان

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ 233 ارب جا ڪيس التوا ۾ آهن:فواد چوڌري

اسلام آباد :سڌ سماءَ واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته چيف جسٽس اطهر من الله پاڪستان جي خوشحالي لاءِ وڏو قدم کنيو آهي. اميد اهي ته ٻيون عدالتون به اسلام آباد ها ڪورٽ جي تقليد ڪنديون. اوڳاڙين بابت ڪيس هاءِ ڪورٽ نه، ايف بي آر جي وڪيلن سبب ڦاٿل آهن. ڪوئي فورم هجڻ گهرجي جتي حڪومت ۽ عدليا وچ ۾ مسئلن جي حل لاءِ مشاورت ٿئي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ اعليٰ سطح جي اجلاس ۾ شرڪت کان پوءِ چوڌري فواد حسين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اجلاس ۾ سٺو ماحول رهيو، چيف جسٽس اطهر من الله مشورا ڏنا. هي ڪنهن فرد جو ذاتي نه پر ملڪ جو پئسو آهي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ 233 ارب رپين جا ڪيس التوا هيٺ آهن. هن چيو ته اجلاس دوران ايف بي آر جي چيئرمين 13 ڪيسن کي گهڻو اهم قرار ڏنو. چيف جسٽس ۽ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي رجسٽرار سان ڪيسن جي حوالي سان مشاورت ٿي. وفاقي وزير چيو ته جسٽس اطهر من الله پاڪستان جي چند وڏن ججز مان آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button