پاڪستانسنڌ

حيدرآباد ۾ حددخلين خلاف آپريشن، ڪيبنون، اسٽال ۽ ريڙها ضبط

حيدرآباد: بلديا اعلى حيدرآباد جي اينٽي انڪروچمينٽ سيل پاران آٽوڀان سميت لطيف آباد جي مختلف علائقن مان حددخليون هٽائي ڪيبنون، ريڙها ۽ ٻيون سامان پنهنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو آهي. خبر موجب بلديا اعلى حيدرآباد جي اينٽي انڪروچمينٽ سيل جي اسسٽنٽ ڊائريڪٽر شڪيل قريشي جي سربراهي تحت گدوچوڪ کان آٽوڀان روڊ جي ٻنهي طرفن سميت محمدي چوڪ، 12 ربيع الاول چوڪ، آمريڪن اسپتال يونٽ نمبر 7، الله والا يونٽ 8 ۽ سيڪشن روڊن وٽ غيرقانوني طور رکيل ڪيبنون، اسٽال ۽ بيٺل ريڙها هٽائي پنهنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏيا آهن.

ان حوالي سان اسسٽنٽ ڊائريڪٽر شڪيل قريشي جو چوڻ آهي ته فوٽ پاٿن ۽ روڊن وٽان حددخليون هٽائڻ لا ايڊمنسٽريٽر شعيب احمد ملڪ ۽ ميونسپل ڪمشنر فاخر شاڪر جي هدايت تي ڪارروايون ڪري رهيا آهيون. هوڏانهن حيدرآباد تعلقي سٽي ۾ واقع ايڪسپو سينٽر ويجهو غيرقانوني اڏاوت ڄاڻائي هڪ واڙو ڊاهي پٽ ڪيو ويو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button