سنڌ

لاڙڪاڻي ۾کدڙا فقيرن جو پنهنجي ساٿي کدڙي خلاف احتجاج

لاڙڪاڻي سميت مختلف شهرن جي کدڙا فقيرن پنهنجي ساٿي کدڙي فقير مرڪ عرف ٻلي خلاف پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي رشنا فقير، ستارہ عرف ثمرين، ثانيه، چاندي، بابرہ ۽ ٻين چيو ته ٻه ڏينهن اڳ مرڪ عرف ٻلي احتجاج ڪري اسان جي وڏي فقير رشنا ۽ ٻين مٿان تشدد ڪرڻ جا ڪوڙا الزام لڳائي ساک کي نقصان پهچايو آهي. هنن الزام لڳايو ته مرڪ عرف ٻلي پاڻ فحاشي جو اڏو هلائي ننڍن ٻارڙن کي جنسي زيادتي جو نشانو بڻائي انهن جي زندگي تباهه ڪري رهيو آهي ۽ مسلسل اسان خلاف ڪوڙا احتجاج ڪري غلط بياني ڪري اسان جي عزتن تي حملو ڪري رهيو آهي. اسان حڪومت کان تصديق ٿيل کدڙا فقير آهيون ۽ اسان پنهنجي صفن ۾ اهڙن خراب کدڙي فقيرن کي شامل نه ڪنداسين جيڪي نه صرف اسان پر سماج جا به دشمن آهن. هنن مطالبو ڪيو ته مرڪ عرف ٻلي خلاف ڪارروائي ڪري انصاف ۽ تحفظ ڏنو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button