پاڪستانپنجاب

شهباز شريف زرداري وٽ پهچي ويو،بي اعتمادي رٿ بابت صلاح مشورا

لاهور :ڳوڻي صدر آصف علي زرداري ۽ اپوزيشن ليڊر شهباز شريف وچ ۾ ملاقات ٿي آهي، ٻنهي اڳواڻن عدم اعتماد جي رٿ ۽ ٻين آپشنز تي مشاورت ڪئي. ان ڏس ۾ مليل ڄاڻ موجب ڪالهه اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ۽ قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ شهباز شريف وچ ۾ اهم ملاقات ٿي آهي. اپوزيشن ليڊر وفد سان گڏ لاهور ۾ بلاول هائوس پهتو، جتي آصف علي زرداري ۽ ٻين پ پ اڳواڻن سندن آجيان ڪئي. ملاقات ۾ ن ليگ ۽ پ پ کانسواءِ جمعيت علماءِ اسلام جا اڳواڻ به موجود هئا. ملاقات ۾ ملڪي سياسي ۽ معاشي صورتحال سميت بي اعتمادي رٿ ۽ ٻين معاملن تي گفتگو ڪئي وئي. ذريعن موجب ن ليگ حڪومت جي 10 کان 15 ڪاوڙيل ميمبرن جي استعيفائن جي تجويز پيش ڪئي ۽ چيو ته جيڪڏهن ڪاوڙيل حڪومتي ميمبر استعيفيٰ ڏئي ٿا ڇڏين ته حڪومت سادي اڪثريت وڃائي ويهندي ۽ اپوزيشن بي اعتمادي بدران وزيراعظم کان اعتماد جي ووٽ جو مطالبو ڪندي.ذريعن جو چوڻ آهي ته ن ليگ جي تجويز تي پ پ خدشن جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته اسپيڪر ڪاوڙيل حڪومتي ميمبرن جي استعيفيٰ قبول نه ڪئي ته ذلت ٿيندي. هن وقت اپوزيشن جي سياست ۽ ساک داءَ تي لڳل آهي، اسان کي گهڻو سوچي سمجهي ۽ ڦوڪي ڦوڪي حڪومت خلاف فيصلو ڪرڻو پوندو. ذريعن موجب پ پ وزيراعظم کان اڳ اسپيڪر خلاف بي اعتمادي رٿ آڻڻ جي تجويز ڏني ۽ چيو ته اسپيڪر کي هٽائڻ بنا وزيراعظم خلاف بي اعتمادي رٿ ۾ ڏکائيون ٿينديون، ڇو ته وزيراعظم خلاف اعتماد جي ووٽ جو معاملو به ٿيو ته اسپيڪر اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو. پ پ صلاح ڏني ته سڀ کان اڳ قومي اسيمبلي اسپيڪر خلاف ميدان ۾ لهڻ گهرجي. ذريعن موجب ن ليگ پ پ جي تجويز پارٽي قائد نواز شريف سامهون رکڻ جي خاطري ڪرائي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button